بهو بيگم عرف صاحب دولت

بهو بيگم عرف صاحب دولت: سنڌ جي ڪلهوڙن جي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زالن مان هڪ گهرواريءَ جو نالو مائي بهو بيگم هو. جيڪا ميان صاحب جي پهرين گهرواري هئي. مائي بهو بيگم کي اڪثر ’مائي صاحب دولت‘ سان ياد ڪيو ويندو آهي. مائي بهو بيگم نواب جانثار خان گوجر جي ڌيءَ ۽ نواب الهداد خان گوجر جي ڀيڻ هئي. مائي بهو بيگم وڏي دلير عورت هئي. جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر 1198هه/1782ع ۾ سنڌ جو حڪمران بڻيو، تڏهن مائي بهو بيگم بهاولپور ۾ پنهنجي مائٽن وٽ هلي وئي. هن سان گڏ ميان سرفراز خان جي گهر واري مائي سون ٻائي به هلي وئي، جيڪا نورنگ خان جسڪاڻي بلوچ جي ڌيءَ هئي. ميان سرفراز خان مائي بهو بيگم جو پٽ نه هو، بلڪه هڪ ايراني سيد زادي جو پٽ هو. ميان غلام شاهه ايران ۾ سيد علي رضا اصفهاني جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان ميان غلام شاهه کي ميان سرفراز خان ڄائو. مائي بهو بيگم جي وفات جي تاريخ نه ملي سگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو